اسلام آ??اد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي وڌيڪ بلن جي حوالي سان ع??امي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان فوري تف??يل?? رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير، خاص معاون احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي شڪايتن جي ازالي تائين سک سان نه ويهندس. خادم پاڪستان ع??امي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوام آڏو جوابده آهي. آئون پنهنجي عوام سان سدائين سچ ڳالهائڻ جي وچن تي قائم آهيان. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بجلي جي بلن جي حوالي سان ع??امي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي تف??يل?? رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.