اسلام ??باد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وا??ي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جاري آهن، پاڪستان جي هر شخص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان مسلمان امت جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ت?? او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وا??ي ڪانفرنس جاري آهي، ڪانفرنس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي حالتن کي نظرانداز ڪري آيا آهن جيڪي پاڪستان جي لاءِ عزت جو سبب آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانفرنس کي ناڪام ??ڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو ت?? او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وا??ي ڪانفرنس ڪاميابي سان جاري آهي.