اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قوم?? مفاد ۾ شفاف انداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ من????د ٿيو، عبدالحفيظ شيخ جي هدايتن جي روشني ۾ اجلاس کي روز ويلٽ هوٽل بابت معاملن جي باري ۾ اپ ڊيٽ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم جي صلاحڪار اهو معاملو من??فاڻي، انتهائي شفاف ۽ بهترين قوم?? مفاد ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن روز ويلٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.