اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم غريب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي ??هو??تن جي فراهمي جي عزم کي ورجائين??ي چيو آهي ته اسلام آباد جي ماڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي پروگرام کي معياري ??هو??تن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ٽائيگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪ??و. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت ۽ معياري ??هو??تن جي فراهمي کي يقيني بڻائ?? تي زور ڏين??ي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب ??هو??تن جو باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي ماڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن جي پناهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيداري سان معياري ??هو??تن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.