لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر حڪومتي قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي سينيٽر ش??لي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات دو??ان عوام ک?? رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ حالتن سميت ٻين ايشوز بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دو??ان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير ش??لي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت نه رڳو پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام ک?? به هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جهڙا منصوبا حڪومت جي عوام دو??تي جو واضح ثبوت آهي.