اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي موجود?? صورت??ال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورونا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورت??ال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورت??ال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورت??ال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورونا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.