اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب خاندانن جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام ت??ت هر سال 50 هزار شاگردن کي تعليمي وظيفا ڏنا ويندا، غريب خاندانن جي لاءِ راشن پروگرام پڻ متع??رف ڪرايو ويندو ۽ گيهه، اٽو، دال ۽ ک??ڊ غريب خاندانن کي فراهم ڪئي ويندي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جا پروگرام شروع نه ڪيا ويا جن سان معاشري جي عام ماڻهن کي مٿي اچڻ جو موقعو ملي سگهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ نه سوچيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو.