منيلا- 30 ڊسمبر (اي پي پي)فلپائين ۾ 5.6 جي شدت جو زلزلو آيو آهي جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو پر آفٽر شاڪس جو امڪان اڃا تائين موجود آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق فلپائين جي علائقي لوزون ۾ سومر ڏينهن 5.6 جي شدت جو زلزلو آيو آهي. جرمني جي ريسرچ سينٽر مطابق زلزلي جي او??هائي 10 ڪلوميٽر هئي. اداري مطابق زلزلي سبب نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو ۽ اهو زلزلو گهٽ او??هائي وارو آهي ان لاءِ آفٽر شاڪس جو امڪان موجود آهي.