اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي، ??اڪستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، ??صنوعات جي ويليو ايڊيشن ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چ??و ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وبا جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، ??اڪستان ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪورونا وبا کان گهٽ متاثر ٿيو آهي. هن چ??و ته ڪورونا وبا ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چ??و ته واپاري ??نهنجي مصنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش واپارين کي پنهنجي مصنوعات وڪرو ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ??ي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اها نمائش منعقد ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي. صدر چ??و ته واپارين جي ٻاهرئين ملڪ سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل قو??صلرز سان رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ??رڏيهي وزارت ڪمرشل قو??صلرز کي مناسب انداز ۾ آگاهي فراهم ڪري ??ي جڏهن ته واپاري برادري به انهن کي پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪري سگهي ٿي ته جيئن مختلف ملڪ ۾ پاڪستاني واپارين جي مصنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ ڪمرشل قو??صلر مختلف ملڪن جي منڊين ۾ موجود موقعن بابت واپارين کي آگاهه ڪري سگهن. هن چ??و ته اسان کي روايتي روانگي واپار سان گڏوگڏ ??نهنجي مصنوعات جي ويليو ايڊيڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ??اڪستان پنهنجي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پاڪستان جي اندر مصنوعات جي پروڊڪشن، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌيان ڏيون ٿا، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي.