اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب با??ت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مشاورت جاري آهي، شوگر ان??وائري ڪميشن جي رپورٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگر ملز خلاف ڪارروائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب با??ت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته حڪومت شوگر ڪميشن جي ان??وائري رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، عوام کي ان کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ج??هن 2009ع ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪارٽلائيزيشن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ۾ ملوث شوگر ملز تي ڏنڊ وڌا. ان وقت شوگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين ??لن ان تي اس??ي ورتو، اهو اس??ي اڃان تائين برقرار آهي، ان وقت جي حڪومتن ان اس??ي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي سوچ جو فرق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ ج??هن کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته وزيراعظم عمران خان فوري طور تي ان??وائري ڪميشن جوڙي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي ان??وائري ڪرائي ۽ واعدي موجب ان??وائري رپورٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ نه ڪئي وئي هئي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جي حڪم تي سامهون آندي وئي.