اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيء?? ۽ ??تلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فو?? يرغ??ال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي مو??عي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فو?? جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان وا??عي کي ڪيئن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان وا??عي مان سبق سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.