اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم محمد علي ج??اح جي 148هين جنم ڏهاڙ?? جي حوالي سان ??صو??رن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي باني باباءِ قوم قائداعظم محمد علي ج??اح جي ناياب ??صو??رن ۽ پينٽنگس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي باباءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ ال?? وطن لاءِ ڏنل قربانين بابت آگاهي ڏيڻ آهي. نمائش دوران قائداعظم محمد علي ج??اح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد مبشر توقير شاهه تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عمرانه وزير، ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊ?? جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي قائداعظم محمد علي ج??اح کي اميد ۽ عزم جو مجسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پاڪستان قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل ??صو??ري نمائش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدمن ۽ تقريب ۾ اسلام آباد ج?? ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سيد مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران قائداعظم جي جنم ڏينهن جي حوالي سان پينٽنگ ۽ ??صو??ري نمائش جي مقابل?? جي فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ساراهيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ قائداعظم جي جنم ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.