اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ??سپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ووٽ هڪ مقدس امانت ۽ قومي فرض آهي جنهن ذريعي عوام پنهنجي ??اءِ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي ??ُخ جو تعين ڪري ٿو، جمهوريت جو بنياد عوام جي ??اءِ تي آهي، عوام پنهنجي ??ق ذريعي پنهنجي من پسند نمائندن کي اقتدار جي ??يوانن تائين پهچائين ٿا. اهڙو اظهار هن قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 7 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته هڪ مضبوط ۽ فعال جمهوريت لاءِ عوام جي ڀرپور شرڪت ضروري آهي. هن چيو ته ووٽ نه وِجهڻ دراصل پنهنجن حقن ۽ ذميدارين کان غفلت جي ??رابر آهي. هن ملڪ ۾ شفاف ۽ من??فا??ي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن ۾ ووٽ جي ??هميت کي اجاگر ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي ??رڪت سان نه صرف جمهوريت مضبوط ٿئي ٿي پر ملڪي ترقيءَ لاءِ نيون راهون به کُلن ٿيون. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ عوام ۾ ووٽ جي ??هميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ جمهوري عمل کي مضبوط بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ووٽ وِجهڻ هر شهريءَ جو آئيني حق ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جو ذريعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جو هر شهري ووٽ ذريعي ملڪ جي ??عمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺي. هن چيو ته جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ آئين جي ??الادستي عوامي حقن جي ??حفظ جي ??مانت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي ??ق جي ??هميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندي.