اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان پي آ??ِ اي جي ساک مستحڪم ٿين??ي ۽ مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وزارت، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن ۽ پي آ??ِ اي جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته پابندي هٽائڻ سان پي آ??ِ اي جي ساک مستحڪم ٿين??ي ۽ ان کي مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو، اهو پاڪستان جي ڪامياب پاليسين جو مظهر آهي. هن چيو ته يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ??اءِ هوائي سفر ۾ آساني پيدا ٿيندي.