لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مظلوم فلسطينين تي اسرا??يل?? ڏاڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان ??لس??ي ۾ سڄي ملڪ ?? فلسطينين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته مظلوم فلسطينين تي فسطائي قوتون جهڙيءَ طرح ظلم ڪري رهيون آهن، پوري پاڪستاني قوم فلسطين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ انهن سان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اسرا??يل?? ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اسرا??يل?? دهشتگرديءَ سبب هاڻي تائين 42 هزا?? کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اسرا??يل?? فور??ز غزه ۾ هزارين ٽَن ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو جڏهن ته اسرا??يل?? بمباريءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اسرا??يل?? ڏاڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسرا??يل?? دهشتگردي سان سَوين ڊاڪٽر، صحافي ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين امن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني عوام تي اسرا??يل?? ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.