اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري سان مل??ي معيشت تي مثبت اثر پوندا، پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي ??عا??ن جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ زراعت سميت ٻين شعبن ۾ ??عا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو، عوام انتشار جي سياست رد ڪري ڇڏي آهي، عوام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، ??اڪستان ترقي ڪندو، معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. نور خان ايئربيس تي سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بيلاروس جي صدر لوڪا شينڪو جو پاڪستان جو دورو تاريخي هوندو، بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي حصيداري ۽ دوستي جو رشتو آهي، ??نهي مل??ن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي ٽي ڏهاڪا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اسان جي خوشقسمتي آهي ته اسان جي دوست مل?? جو صدر پاڪستان ا??ي رهيو آهي. هن چيو ته بيلاروس جي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو جتي نائب وزيراعظم کيس ڀليڪار ڪيو ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته بيلاروس سان بزنس ٽو بزنس ۽ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ ??عا??ن وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿي رهيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي ??عا??ن جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ زراعت جي شعبي ۾ ??عا??ن ۾ اضافو ٿيندو، ان کانسواءِ فارماسيوٽيڪلز، ٽريڪٽر مينوفيڪچرنگ، زرعي مشينري ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ ??عا??ن کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس هڪ ٻئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ بيلاروس جو صدر پاڪستان آيو هو، سندس دورو تمام گهڻو فائديمند رهيو هو ان کانپوءِ نواز شريف پڻ بيلاروس جي دوري تي ويو هو. آستانه ۾ ٿيندڙ ايس سي او سمٽ دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي صدر لوڪاشينڪو سان ملاقات ٿي هئي ۽ بيلاروس کي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني هئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بيلاروس جي صدر جي پاڪستان اچڻ تي عوام ۽ حڪومت سندس آجيان ڪري ٿي، ان دوري جا پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري چڪي آهي جيڪا ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، ??هانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ??يٽرول، اٽو، گيهه گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال سستا آهن، وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن پاران گرمي جي موسم ۾ بجلي جي صارفين کي 95 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي جنهن سان بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ونٽر پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، سردي ۾ به عوام جي سهولت لاءِ بجلي جون قيمتون مناسب رکيون وينديون. هن چيو ته مل?? ۾ جتي مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، ??عاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، وياج جي شرح گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ??لندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران 8.8 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دوست مل??ن پاران وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس سان معاهدن سان پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، عوام خوشحال ٿيندي. هن چيو ته بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو اسان جي لاءِ خوشي جو سبب آهي، سمورن مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويندو. اهو پاڪستان، معيشت ۽ عوام جي ترقي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته عوام انتشار جي سياست رد ڪري ڇڏي آهي، عوام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، ??اڪستان ترقي ڪندو، معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.