باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ??يڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فا??دو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باڪو ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ??يڪ جي وزيراعظم پيٽر فيالا سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ جمهوريه ??يڪ جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن تي ٻڌل آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي موقعن خاص طور تي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل علائقائي ۽ عالمي چ??لي??جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جمهوريه ??يڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ وچ ايشيا جي گيٽ وي جي طور تي صلاحيت تي پڻ روشني وڌي، چيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فا??دو کڻڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ پائيدار ترقي جهڙن چ??لي??جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقل ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي تازي دور جي اهم ترين مسئلن مان هڪ آهي جنهن جي لاءِ گڏيل عالمي قدمن جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي اثرن کان بچاءُ جي قدمن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، گرين انرجي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه ??يڪ سميت عالمي حصيدارن سان تعاون ضروري آهي.