اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر ا??مد شيخ چيو آهي ته سامونڊي معاملن واري وزارت هلندڙ سال 90 ارب روپيا منافعو ڪمايو، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي عالمي رينڪنگ 84 کان 61 ٿي آهي، هلندڙ مهيني ن??ين شپنگ پاليسي آڻي رهيا آهيون، نيشنل شپنگ ??ارپوريشن جي شيئرز ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، اين ايس سي نوان جهاز خريد ڪندي، سامونڊي گدلاڻ واري ڪنٽرول بورڊ جي ڪارڪردگي پهرين کان تمام گهڻي بهتر آهي. ڪالهه سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر ا??مد شيخ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائيم سنگل ونڊو جي قيام سان پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي، ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ڊينمارڪ سان جلد 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جا معاهدا طئي ٿيندا، يو اي اي جي ڪمپني ابوظهبي پورٽس ايندڙ ٽن سالن ۾ 330 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي. عالمي ڪمپني هچيسن پورٽس هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. ايڪوا ڪلچر شين جي ايڪسپورٽس تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، جلد ئي ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ ۾ به سڌارا آڻي رهيا آهيون. قيصر ا??مد شيخ وڌيڪ چيو ته گوادر پورٽ تي ڊريجنگ جو نظام بهتري طرف روان دوان آهي، عالمي بحري تنظيم جي قانونن موجب شپ ري سائيڪلنگ ??ري رهيا آهيون، پاڪستان پهريون ڀيرو عالمي بحري تنظيمن جي هانگ ??انگ ??نوينشن جو حصو بڻيو آهي. انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ڪرائڻ هڪ وڏو بريڪ ٿرو هو، عالمي بحري تنظيم جو سيڪريٽري جنرل پهريون ڀيرو پاڪستان آيو، گوادر پورٽ تي سيڪيورٽي جا بهترين انتطام آهن، پورٽس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع رپورٽ جوڙي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت پاڪستان نيشنل شپنگ ??ارپوريشن آرڊيننس ۾ ترميمون آنديون جنهن سان ان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي. ايندڙ هڪ ٻن مهينن ۾ سمورين پورٽ اٿارٽيز جا مستقل چيئرمين لڳايا ويندا، آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس پاڪستان کان فشريز ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ ٻن سالن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان نيشنل شپنگ ??ارپوريشن جلد نوان جهاز خريد ڪندو، نيشنل شپنگ ??ارپوريشن جي شيئرز ۾ 40 سيڪڙو وڌا ٿي آهي.