اسلام آ??اد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني س??ير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لااڳپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چ??ني شهرين جي س??ڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آ??اد ۾ چيني س??ارتخاني ويو. هن چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم چيني س??ير سان ڳالهائيندي چيو ته چيني شهرين تي ان حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين جي عيادت جي لاءِ توهان سان ملڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيني س??ير کي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙ ۾ وٺڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، واقعي ۾ زخمي چيني شهرين کي بهترين طبي س??ولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪو آهيان. وزيراعظم چيو ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ چ??ني شهرين جي صحت بهتر ٿي رهي آهي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چ??ني شهرين جي س??ڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چيني س??ير وزيراعظم جا سفارتخاني اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم واقعي جي ذميوارن کي جلد م??طقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.