اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اين ڊي ايم آر ايف جي ??راڪتداري پاڪستان کي ڪهڙي به طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي، 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪميٽيءَ جي ??ربراهي ڪرڻ کانپوءِ اسان جي ??ندر موسم??ات?? تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي ??لاحيت آهي، قدرتي آفتن جي ??ڳيان بند نٿا ٻَڌي سگهون پر انهن جو مقابلو ڪرڻ جي ??لاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي ??ي رکي سگهجي ٿو. پاڪستان ڪاربن جي ??المي نيڪال ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي، اڄ دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي ??والي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم آر ايف جي ??راڪتداري پاڪستان کي ڪهڙي به طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي. پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسم??ات?? تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. پاڪستان ڪاربن جي ??المي نيڪال ۾ صرف هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي ??ير محتاط رويي جو نشانو بڻيل آهي، ٻه سال اڳ پاڪستان بدترين ٻوڏ کي مُنهن ڏنو جنهن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر جي نقصان جي ??ورت ۾ ٿيو. 2022ع ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن طرفان ٻوڏ سٽيلن جي ??حاليءَ لاءِ ڏنل رقم جو مجموعي طور تي 5 کان 7 سيڪڙو گرانٽس جڏهن ته باقي رقم قرض جي مد ۾ ڏني وئي، جيڪو پئسو امدادي قرض جي ??ورت ۾ مليو اهو پاڪستان کي واپس به ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪميٽي جي ??ربراهي ڪرڻ کانپوءِ مان انتهائي ذميواريءَ سان چوان ٿو ته اسان جي ??ندر موسم??ات?? تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي ??لاحيت موجود آهي. 2022ع ۾ عالمي ماهرن طرفان چيو ويو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي وبائي مرض اُڀرندا، صوبائي حڪومتن ۽ عالمي ادارن جي مدد سان اثرائتي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان وڏي تباهيءَ کان بچي ويو. هن چيو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. 2022ع جي ٻوڏ 3 ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هئي، تنهن هوندي به هڪ هزار فوتگيون ٿيون، جيڪڏهن اسان اثرائتي حڪمت عملي اختيار نه ڪريون ها ته 6 هزار ماڻهو فوت ٿي سگهن پيا. هن چيو ته قدرتي آفتن اڳيان بند نٿا ٻَڌي سگهون پر ان جو مقابلو ڪرڻ جي ??لاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي ??ي رکي سگهجي ٿو. 77 سالن کان اسان هڪ دائري ۾ ڦري رهيا آهيون، جڏهن اسان 60 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ حبيب بئنڪ بلڊنگ بڻائي ته ڏکڻ ايشيا ۾ واويلا مچي وئي، اڄ هڪ سوال هر پاڪستانيءَ جي ??ل ۾ آهي ته اسان ڇو ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن کان پوئتي آهيون، جيڪي ملڪ چار شيون امن، استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارا اختيار ڪندا آهن اهي ئي ترقيءَ جي ڊوڙ جي ??هل هوندا آهن. هن چيو ته اپريل 2022ع تائين حڪمران پارٽيءَ هر اليڪشن هارائي هئي، هر ايم اين اي اسان جي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ چاهي پيو، 4 مهينن جي ??ليڪشن مهم هلايون ها ته ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته اڄ دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي، هوائن جو رُخ بدلجي ??هيو آهي، انهن هوائن جو فائدو وٺي اسان پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهون ٿا.