اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، و??ي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، اسرائيل جي انهن قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اهڙي طرح جي قدمن سان نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي پر هي ڪارروائي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي اصولن جي به ڀڃڪڙي آهي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان امن قائم ڪرڻ لاءِ ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته هو وڌيڪ ڇڪتاڻ ??ان بچڻ لاءِ تحمل کان ڪم وٺن.