اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيوزيلينڊ جي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر ونسٽن پي??رز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ او جي ايم) جي اجلاس جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وز??ر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وز??راعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان دستياب موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي بنهي اڳواڻن گڏيل مفادن لاءِ سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع لاڳاپن جون جا گڏيل رستا ڳولهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر ونسٽن پي??رز ٻه طرفا واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مختلف قدمن جي توثيق تي نيوزيلينڊ جو ٿورو مڃيندي پرڏيهي وز??ر چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل وراثت ۽ گڏيل اخلاقيات ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اثرائتي گهڻ رخي، ??مه??ري ۽ انساني عزت ۽ وقار کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل مفاد رکن ٿا.