اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اس??اعيل خان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 10 ايف سي جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊيره اس??اعيل خان ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ واقعي ۾ شهادت مانيندڙ جوان?? کي خراج عقيدت ??يش ڪيو. صدر شهيد جوانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ بهادري کي ساراهيو. صدر واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.