استنبول-23 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزي?? محسن نقوي استنبول ۾ ترڪيه جي دفاع واري وزير يسر گلير (Yasar Guler) سان اهم ملاقات ڪئي. ترڪيه جي دفاع واري وزير استنبول ۾ انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ شرڪت تي وفاقي وزي?? محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزي?? محسن نقوي ترڪيه جي دفاع واري وزير کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ آئيڊياز ا??ڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن جي معاملن سميت پاڪ ترڪيه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ واپار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻطرفي سهڪار جي موجوده رفتار کي ساراهيو. ملاقات ۾ بهترين گڏيل مفادن ۾ سهڪار وڌائڻ جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ پاڪستان مان گوشت جو روانگي واپار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترڪيه پاڪستان کان گوشت جي روانگي واپار لاءِ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي. گهرو وزي?? محسن نقوي ترڪيه جي وزير طرفان گوشت جي روانگي واپار جي آڇ جي آجيان ڪئي. گهرو وزي?? محسن نقوي چيو ته واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ترڪيه حڪ??مت جي آجيان ڪنداسين. ٻطرفي تعاون کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ گڏيل وفدن جا دورا ضروري آهن. گهرو وزي?? محسن نقوي استنبول ۾ عالمي نمائش لاءِ ترڪيه حڪ??مت جي بهترين انتظامن کي ساراهيو. ترڪيه حڪ??مت جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به ان موقعي تي موجود هو.