اسلام آباد-22 آڪٽوبر (ا?? پي پي) پاڪستان سميت س??ي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينھن 24 آڪٽوبر تي ملھايو ويندو. اھو ڏينهن پوليو ويڪسين تيار ڪندڙ ڊاڪٽر جوناس سالڪ جي سالگره جي موقعي تي ملھايو ويند?? آھي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) مطابق س??ي دنيا ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ 99.9 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آھي. پوليو جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ان??ظام ھيٺ مختلف تقريبون منع??د ڪيون وينديون ۽ عام ماڻھو کي پوليو جي بيماري، تحفظ بابت آگاھي فراھم ڪرڻ سان گڏو گڏ ملڪ جي ڏورانھن ۽ ڏکين علائقن ۾ خدمتون ان??ام ڏيندڙ پوليو ورڪرز جي ڪوششن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويندو.