اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جم???? چيو آهي، ته پاڪستان ??چ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائيل جي بي لگام حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ج??ري پڌرائي ۾ چيو آهي، ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختي??ري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائيل جي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو ه?? چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ت??جم???? چيو ته پاڪستان ??بنان جي عوام سان ??ڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اسرائيل کي خطي ۾ ان ??هم جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.