اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چيما بيلاروس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ شفاف نظام قائم ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير اليڪسي ڪوشنرنيڪو سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري حڪمت عملين تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احد خان چيما پاڪ- بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن ۾ شرڪت تي بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري حڪمت عملي 2025-2027ع کي اهم قرار ڏنو جيڪو پاڪستا?? جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ هڪ هاڪاري قدم آهي. هن بيلاروس سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جو شفاف نظام قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ستين گڏيل وزارتي ڪميش?? جي فيصلن تي عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪ??و ۽ ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ بابت مفاهمتي يادداشتن تي صحيح کي سٺي اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ٻُ??ايو ته هلندڙ سال آڪٽوبر ?? وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جو دؤرو ڪندو، جڏهن ته نومبر ?? صدر مملڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس ويندو. بيلاروس جي وزير پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار تي راضپي جو اظهار ڪ??و ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل وزارتي ڪميش?? جي فيصلن مان هاڪاري نتي??ا حاصل ٿيندا. هن زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.