اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي، ثقافت ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين سُک جو ساهه نه کڻنداسين، پاڪستان ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پاڪ بحريه سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ پُرعزم آ??ي، پاڪستان جي بقا لاءِ پاڪ بحريه جي جوانن ۽ آفيسرن بي پناهه قربانيون ڏنيون، شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي يومِ بحريه جي موقعي تي نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضريءَ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته يومِ بحريه جي موقعي تي شهيدن جي يادگار تي سندس حاضري اعزاز جي ڳالهه آهي. پاڪ بحريه جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي دفاع لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون، 7 سيپٽبر 1965ع تي پاڪ بحريه آپريشن دوارڪا جي شروعات ڪئي جنهن ۾ پاڪ بحريه جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن پاڪستان جي بقا لاءِ دشمن جي هدفن کي نشانو بڻايو ۽ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته آپريشن دوارڪا اسان جي تاريخ جو سونهري باب آ??ي، 1965ع ۾ دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ پوري ??وم متحد ٿي چڪي هئي، پاڪ فضائيه، پاڪستان آرمي ۽ پاڪ بحريه ملڪي دفاع لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو جيڪو اڄ تاريخ جو حصو آهي. هن چيو ته آپريشن دوارڪا نه صرف دشمن جي صلاحيت کي گهٽ ڪيو، دشمن جي هدفن کي نشانو بڻايو پر اسان جي سرحدن کي محفوظ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف ج??گ ۾ پاڪ بحريه جو ڪردار تحسين لائق آهي. پاڪ بحريه جي جونيئر آفيسرن ۽ ڪمانڊوز دهشتگرديءَ خلاف بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته 8 سيپٽمبر پاڪ بحريه جو نالو آ??ي، اڄ سڄي پاڪستان ۾ بحريه کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف ج??گ ۾ هٿياربند فوج، حڪومت ۽ عوام جا حوصلا بلند آهن، اسان شهيدن جي قربانين کي هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جا حوصلا بلند آهن، ايمان، حوصلي ۽ همت جو جذبو 6 سيپٽمبر تي به ايترو ئي بلند هو جيترو اڄ بلند آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين اسان سُک سان نه ويهنداسين، ملڪ جي سرحدن کي محفوظ بڻائينداسين، عزم استحڪام لاءِ اسان ان ويزن تي عمل پيرا آهيون. وفاقي وزير چيو ته موجوده دؤر ۾ ب??يو اڪانومي اهميت رکي ٿي، ڪيترن ئي ملڪن سان گڏجي گڏيل تعاون هلي رهيوآ??ي، پاڪستان ۾ دنيا جي بهترين گهري ??اڻي جا بندرگاهه آهن، انهن بندرگاهن ذريعي اسان پوري ??چ ايشيا تائين پهچ حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي بحالي، استحڪام ۽ معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ اسان کي بندرگاهن جي حوالي سان پاليسي تي پوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت وچ ايشيائي رياستن سان رابطن کي هٿي ڏئي رهي آ??ي، ان سان اسان ب??يو اڪانومي مان مڪمل طور تي فائدو کڻي سگهنداسين ۽ سيف ڪوريڊورز تائين وچ ايشيائي رياستن کي پهچ ڏئي سگهجي ٿي ته جيئن ان جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آ??ي، هن چيو ته پاڪ بحريه جي عزم استحڪام ۽ ب??يو اڪانومي جي ويزن ۾ وڏو ڪردار آ??ي، هو ڪوسٽل ايرياز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته بندرگاهن تي سرگرميون شروع ٿي چڪيون آهن، اهي اسان جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي جنگ ۾ نه صرف متحرڪ آهيون پر دهشتگرديءَ کي پاڙؤن پٽي ڇڏينداسين. هن چيو ته سي پيڪ ذريعي معاشي انقلاب ايندو، اسان سمورن پاڙيسرين سان سُٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان کان اڳ وفاقي وزير نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير پاڪ بحريه جي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪ بحريه جا آفيسر ۽ جوان به موجود هئا.