اسلام آباد-04-سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ??ان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ملاقات ڪئي جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي خاتمي، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ بين المسالڪ اتحاد کي هٿ?? ڏيڻ جي قدمن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو ڪو به دين ۽ مذهب ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالم سڳورن پهرين به قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ هاڻي به ان جي ??خت ضرورت آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ موثر بياني لاءِ سمورن فرقن جي عالمن ??ان مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته عالم سڳورن ??ان مشاورت جي قومي مهم جو جلد آغاز ڪيو ويندو. دهشتگردي خلاف جنگ پ??ڪس??ان جي بقاءَ جي جنگ آهي، ان ناسور جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. عالم سڳورن هميشه پ??ڪس??ان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته دشمن بدامني پکيڙي ڏڦيڙ پيدا ڪري قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. سڀئي گڏجي دشمن جي ناپاڪ ايجندا کي ناڪام بڻائينداسين. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پيغام پ??ڪس??ان، پ??ڪس??ان جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت کي حرام قرار ڏنو آهي. موجوده حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پ??ڪس??ان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير جون ڪوششون ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته دهشتگردي، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن ??ان گڏ بيٺل آهي. گهرو وزير محسن نقوي مولانا عبدالخبير آزاد جي مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ وحدت جي حوالي ??ان خدمتن کي ساراهيو.