اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صو??تحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. سومر ڏينهن پي پي پي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان جي سياسي صو??تحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن بلوچستان ۾ برساتن کانپوءِ جي ٻوڏ جي صو??تحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت به آگاهه ڪيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان پي پي پي پي جي سيڪريٽري جنرل نئير حسين ??خاري، پ پ پ جي انساني حقن بابت ڪميٽي جي صدر فرحت الله بابر ۽ پ پ پ پ سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ سياسي ۽ تنظيمي صو??تحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پ پ پ چيئرمين ??لاول ڀٽو کي پنجاب جي سياسي ۽ تنظيمي صو??تحال تي بريفنگ ڏني.