اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڪليئرنس آپريشنز دوران جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان ۾ مختلف واقعن ۾ معصوم شهر??ن جي شهادتن تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چ??و ته دهشتگرد پوري قوم، انسانيت ?? ترقي جا دشمن آهن، انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. صدر چ??و ته قوم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي. صدر چ??و ته پوري قوم جي مدد سان دهشتگرد عنصرن جي ڪ??ي ارادن کي ناڪام بڻائينداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم شهيدن جي احسانمند رهندي، انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي بهادري ۽ قرباني جي جذبي کي ساراهيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀات??ن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.