اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماع??ل هانيه تي تهران ۾ قاتلاڻي ح??لي جي شديد مذمت ڪندي ح??لي جي نتيجي ۾ اسماع??ل هانيه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته ??سماع??ل هانيه تي حملو بربريت ۽ جارحيت جو افسوسناڪ مثال آهي ۽ اهو عالمي قانونن ۽ قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم ڪري رکي آهي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ ??سماع??ل هانيه ۽ سندس خاندان جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهي قربانيون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماع??ل هانيه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسماع??ل هانيه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ ??بر جي دعا ڪئي.