اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد، ??اهور ۽ ڪراچي کانپوءِ پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي درخواست ڏيندڙن جي سهولت لاءِ 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن کان ڪوريئر ڪمپنين ذريعي اپاسٽيل سروس فراهم ڪري رهي آهي. پڌرائي مطابق ان سلسلي ۾ پشاور ۾ پرڏيهي وزارت جي لائز ان آفيس 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن ڪوريئر ڪمپنين ذريعي دستاويز وصول ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان قدم جي هڪ حصي جي طور نامزد ڪوريئر ڪمپنيون درخواست ڏيندڙن کان دستاويز جمع ڪند??ون?? جنهن بعد پرڏيهي وزارت طرفان تصديق ڪئي ويندي. پشاور ۾ پوسٽل تصديق لاءِ دستاويز جمع ??رڻ جي مجاز ڪوريئر ڪمپنين ۾ ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، گيريز، ليپرڊ ۽ اي سي ايس شامل آهن. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڪوريئر ڪمپينون پاور آف اٽرني کانسواءِ سمورا دستاويز قبول ??رڻ جون مجاز آهي.