لاهور -28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان علماء ڪائونسل جي ??يئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي، ته 5 آگسٽ تي يوم است??صا?? ڪشمير ملهايو ويندو، دين ۽ وطن جي حرمت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي، ??درسن جي بجلي جي بلن ۾ رعايت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن جامع منظور اسلاميه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. طاهر محمود اشرفي چيو ته 5 آگسٽ تي يوم است??صا?? ڪشمير ملهايو ويندو ۽ پوري ملڪ اندر استحڪام پاڪستان جي عنوان سان ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ مدرسن ۾ پهرين کان 30 آگسٽ تائين قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويندا. هن چيو ته اسان جو دين، اسان جو وطن ۽ اسان جي ريڊ لائين آهي، ان جي حرمت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي. استحڪام پاڪستان جي عنوان سان سيمينارز ، ڪنيونشنز منعقد ٿيندا. 4 آگسٽ تي گجرانوالا ۽ 11 آگسٽ تي لاهور ۾ ڪانفرنسون ٿينديون، اهڙي ريت ٻين شهرن ۾ به استحڪام پاڪستان جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون. حافظ طاهر محمود چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيا ۽ ڀارت ڪشميرين جو است??صا?? ڪندي عالمي قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ??ڃڪڙي ڪئي ۽ ڪشمير جي حقن تي غاصباڻو قبضو ڪيو، ان کي قانوني رستو ڏيڻ جي ??وشش عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. ان ڪري 5 آگسٽ تي يوم است??صا?? ڪشمير سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو، هن چيو ته مسلم امت جا ٻه اهم مسئلا ڪشمير ۽ فلسطين آهن، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ رت وهي رهيو آهي، ??ر ڪشمير دنيا جي هڪ اهڙي جيل آهي جنهن جو آواز ئي نه پيو اچي. هن چيو ته پاڪستان الله تعاليٰ جي هڪ وڏي نعمت آهي، ته اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن جا رهواسي ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حقن جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون، پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته هندستان ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي ??شميري ڀائرن جي مدد نه ڪري رهيا آهن. ڏاڍ جي حڪومت دنيا آڏو آهي، ??ن چيو ته پاڪستان مضبوط قوم ۽ فو?? هئڻ سبب غير ملڪي سازشن جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ??وج رياست جي حيثيت سان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي.