اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ پاڪ??تا??ي سفير کي هدايت ڪئ?? آهي ته هو عماني عملدارن ۽ مسقط ۾ پاڪ??تا??ي ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي. پرڏيهي وزارت پاران مسقط، عمان ۾ دهشتگرد حملي جي تازه ترين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ??تا??ين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشتگرد حملي ۽ مسلمانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئ?? آهي. نائب وزيراعظم عمان ۾ پاڪ??تا?? جي سفير عمران علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئ?? آهي. سفير عمران علي نائب وزيراعظم کي مسقط ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي گذريل رات جي حملي بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سفير کي هدايت ڪئي ته هو عماني عمدارن ۽ مسقط ۾ پاڪ??تا??ي ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪري. هن هدايت ڪئي ته عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ڀلائي جو پڻ خيال رکيو وڃي.