اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي ۾ تخته بيگ ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيندي شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن کي خراج ع??يدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن سان وڙهندي ملڪ جي خاطر شهات ماڻيندڙ پوليس اهلڪار اعجاز ۽ ايف سي جي اهلڪار شهزاد کي خراج ع??يدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لا??ِ صب?? جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ق??نو?? لاڳو ڪندڙ ادارن جون پاڪستان ۾ امن جي لا??ِ لا??وال قربانيون آهن. پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي جي لا??ِ متحد آهي.