اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ا?? موقعي تي ميمبرن وڏي انگ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي اچ?? تي ميمبرن اٿي بيهي ۽ ??يس??ون وڄائي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ايوان ۾ وزيراعظم سان اقليتي ۽ عورت ميمبرن گروپ جي شڪل ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين ۽ اويس لغاري کانسواءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ خالد مگسي پڻ ملاقات ڪئي.