اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪي??ٽن ڪرنل شير خان شهيد جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪي??ٽن ڪرنل شير خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو جنهن جي دشمن به تعريف ??رڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. ڪي??ٽن ڪرنل شير خان شهيد وطن سان وفاداري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع جي لاءِ جان جي پرواهه ??رڻ کانسواءِ ويڙهه جو اهڙو مثال قائم ڪيو جنهن کي رهندڙ دنيا تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪي??ٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) ۽ سندس گهرڀاتي سڄي قوم جي لاءِ قابل فخر آهن. پا??ست??ني فوج جون ملڪ جي لاءِ دفاع جي خاطر لازوال قربانيون آهن. مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم کي سلام پيش ڪري ٿي.