اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ اي??ان جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳ ڏهاڙي جو ا??لا?? ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو سٺو دوست هو، اسان کي سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو، صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر اي??ان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قومي جهنڊو جهُڪيل رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مهيني کان به گهٽ عرص?? اڳ هڪ تاريخي دوري تي صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ميزباني جو شرف حاصل ٿيو. هو پاڪستان جو سٺو دوست هو. هن چيو ته ان سانحي تي پاڪستان ۾ سوڳ ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ملڪ اي??ان سان يڪجهتي جي اظهار طور جهنڊو جھُڪيل رهندو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي اطلاع جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کي بيچيني سان ڏسي رهيا هئاسين. سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ان وڏي نقصان تي اي??اني قوم سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. عظيم اي??اني قوم روايتي همت سان ان سانحي تي ضابطو آڻيندي.