اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان چين سان ترجي??ي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ ا??اف?? جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي ح??الي سان ڀرپور تياري ڪري ره??ا آهيون، چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ح??الي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ ??اڳ??پيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن پاران پاڪستان چين ٻطرفي معاشي ??اڳ??پن جي ح??الي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ره??دڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي ح??الي سان جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيام سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي ح??الي سان اهم منصوبو هوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان ترجي??ي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ ا??اف?? جو خواهشمند آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??اڳ??پيل وزارتون پاڪستان چين جي تعاون جي نئين منصوبن جي ح??الي سان تياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ جي ح??الي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان جو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.