اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اذلا?? شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچڻ تي پاڪست??ن هاڪي ٽيم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هاڪي ٽيم جا رانديگر اسانجا هيرو آهن، جن اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي راند کي زندهه ڪيو آهي، پوري قوم هاڪي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد سان گڏ پاڪست??ن هاڪي ٽيم جي ميمبرن سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو تهپ اڪست??ن هاڪي ٽيم جا رانديگر قومي هيرو آهن، توه??ن هڪڀ يرو ٻيهر قومي راند کي پاڪستان ۾ زندهه ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو راندين جي فروغ لاءِ وڏو فوڪس آهي. وفاقي وزير اذلا?? شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪاميابي تي پاڪست??ن هاڪي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اذلا?? شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل پي ٽي وي اسپورٽس جي ذريعي سڌوسنئون نشرو ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀاڻي جي مئچ جي لاءِ ٽي وي چينلز ۽ اخبارن ۾ هاڪي ٽيم جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اذلا?? شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ کي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي لاءِ اسان تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، فائنل مئچ پوري پاڪستان ۾ ڏٺو ويندو. هاڪي ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪست??ن هاڪي ٽيم نيوزيل??نڊ?? ملائيشيا ۽ ڪوريا سان زبردست مئچ کيڏي، اهي ٽيمون رينڪنگ ۾ پاڪستاني ٽيم کان مٿي هيون پر پاڪست??ن هاڪي ٽيم انهن ٽيمن سان مئ??ن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته پوري قوم هاڪي ٽيم سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهي. توهان جي ڪاميابي پوري قوم سان گڏجي ملهائينداسين، اسان پنهنجي هيروز جي واپسي جا منتظر آهيون.