اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آه?? ته پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ انهن جي ٻارن کي تع??يمي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت قدمن جي ضرورت آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو عالمي ڏينهن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي. هن سال مزدورن جي عالمي ڏينهن جو موضوع موسمياتي تبديلين دوران ڪم جي جڳهه تي سلامتي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ آه??، اسان مزدور جي وقار کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ انهن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته هي ڏينهن مزدورن جي حقن، انهن جي سماجي تحفظ، منصفاڻي اجرت ۽ ڪم جي لاءِ محفوظ ما??ول بابت ڪوششون ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورتن جي وڌندڙ قيمتن، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن جهڙا چئلينجز درپيش آه??، پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ مزدورن جي ٻارن کي تع??يمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آه??. هن چيو ته مزدورن جي استحصال جو خاتمو، سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻ، حقن جي تحفظ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۽ عملدرآمد ۾ رياست جو اهم ڪ??دا?? آه??. صدر چيو ته اڄ اسان دل جي گهراين سان ملڪ جي ترقي ۾ ساراهه جوڳو ڪ??دا?? ادا ڪندڙ پورهيتن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، خطرناڪ ما??ول ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، اميد آه?? ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدورن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪ??دا?? ادا ڪنديون، استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مزدورن جي لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ پورهيت ۽ مزدور طبقي جي لاءِ اهڙو سازگار ما??ول پيدا ڪريون جتي انهن جي قدر ۽ عزت ڪئي ??ڃي?? آجر منصفاڻي اجرت، مزدورن جي سلامتي ۽ صحت جي لاءِ قدم کڻن.