اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ڪاربن ڪريڊٽس پاليسي رهنما اصولن جي حوا??ي سان هتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مو??مياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي صدارت ۾ مو??مياتي تبديلي بابت پاڪستان ڪائونسل جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيرن اسحاق ڊار، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي مو??مياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سان ملڪ بري طرح متاثر ٿيو، خادم پاڪستان جي ناطي ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحا??ي سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ مو??مياتي تبديلي جي حوا??ي سان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، احسن اقبال ۽ شيري رحمان سان گڏوگڏ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن گڏجي پاڪستان کي ان مشڪل وقت مان ڪڍڻ ۽ پاڪستان ۾ مو??مياتي تبديلي جي حوا??ي سان انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا. هن چيو ته دوست ملڪن، عالمي برادري خاص طو?? تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل مو??مياتي تبديلي کان متاثر پاڪستانين جي پڪا?? تي لبيڪ چيو جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ وفاق کي گڏجي مو??مياتي تبديلي جي حوا??ي سان پاليسي سازي ڪرڻي آهي، مو??مياتي تبديلي جي حوا??ي سان اسان جي چئلينجز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته س??ي ملڪ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي حوا??ي سان قدمن ۾ بهتري آئي آهي جن کي وڌيڪ تيز ۽ مو??ر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ڪاربن ڪريڊٽس جي حوا??ي سان پاليسي رهنما اصولن جي حوا??ي سان حتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مو??مياتي تبديلي بابت سمورن معاملن تي صوبن جي مشاورت کانسواءِ ڪنهن به قسم جي پاليسي سازي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اجلاس ۾ پاليسي گائيڊ لائينز فار ٽريڊنگ ان ڪاربن ڪريڊٽس جي حوا??ي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صوبن سان مشاورت کانپوءِ ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ مسودو پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏين وزيرن پاليسي سازي جي حوا??ي سان پنهنجي پنهنجي صوبي جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم مو??مياتي تبديلي واري وزارت کي ان اهم پاليسي مسودي جي لاءِ صوبن ۽ سمورين ڌرين کي مڪمل طو?? تي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي.