ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، ??در آصف علي زرداري دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سوڳوار خ??ندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. ??در آصف علي زرداري چيو ته پا??ستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ايران سان گڏ ڪم جاري رکندو. ??در ٻن??ي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??در آصف علي زرداري ايراني صدر کي ٻيهر پا??ستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ايراني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.