اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي ??طلا??ات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي مبشر توقير شاهه سميت پي ٽي وي جا ٻيا آفيسر پڻ ??وج??د هئا. اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مسيحي برادري خاص طور تي پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته خوشي جي ان لمحي ۾ اسان سڀ توهان سان گڏ آ??يو??. هن چيو ته پي ٽي وي پاران ڪرسمس کان اڳ پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن جي ايڊوانس پگهار ۽ ڪرسمس الائونس جي ادائيگي خوش آئنده آهي. ان موقعي تي ??طلا??ات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پي ٽي وي ۾ ڪرسمس جي تقريب منعقد ڪرڻ پي ٽي وي جي سدائين کان روايت رهي آهي. پي ٽي وي جي مسيحي برادري جي ملازمن اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جا تقريب ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا.