صوابي – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي، تعليمي ا??ارا منهنجي دل جي ??يجهو آهن، اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي، علم جي ڪري حضرت آدم عه کي فرشتن تي فوقيت ملي، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ ٽيڪنالاجي جا ڪئمپس پوري پاڪستان ۾ هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ??وپي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته مون پهريون ڀيرو هن اداري جو دورو 90ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪيو هو. هن اداري کي بهترين ڏٺو. هن انسٽيٽي??ٽ قائم ٿيڻ جي خواب جن ماڻهن ڏٺو هو انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙي قسم جي ا??ارن جو قائم ٿيڻ پاڪستان جي ??قصدن ۽ هدفن جو حصو آهي جنهن جي ??اءِ پاڪستان جي تخليق ٿي. پاڪستان اهڙن ئي ا??ارن جي ??ائم ٿيڻ جي ??اءِ وجود ۾ آيو هو ته جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي ??ستقبل کي اهڙا موقعا فراهم ڪري سگهون جتي اهي نه رڳو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي ??اءِ بهتري ڪري سگهن پر دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. هن چيو ته منهنجي راءِ ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي طرز تي وڌيڪ ادارا هجڻ گهرجن. هن چيو ته حضرت آدم عه کي علم جي ڪري ئي فرشتن تي فوقيت ملي. اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي ذريعي پاڪستان دنيا ۾ علم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي. هن چيو ته هن اداري جا ڪئمپس سمورن صوبن ۾ هجڻ گهرجن. شروعاتي طور تي ا??لام آباد ۾ ان جي ڪئمپس جي ??يام جي تجويز غور هيٺ آهي. اسان ان جي ??اءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي. هن چيو ته ڪائنات ڪا اهڙي شيءَ نه آهي جيڪا هڪدم ختم ٿي وڃي، ان ۾ تخليق جو عمل جاري رهي ٿو. هن چيو ته تعليمي ا??ارن ۾ فيڪلٽي جي اهميت تمام وڌيڪ آهي. انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جو نوجوان نسل مستقبل جي ??يادت آهي.