ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ م??نو??ي ذهانت جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت کي ف??وغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته غيرروايتي طريقن سان صنعتي عمل ۾ موجود مسئلا حل ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي اسان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صحيح رخ ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ته اها صنعتي ۽ ٻين ڌرين سان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئ?? مقابلي جي ڪامياب انعقاد تي وفد کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ م??نو??ي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريع?? مقامي مسئلا حل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ??يم??رن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.