ارومچي – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چين جي شهر ارومچي پهچي ويو آهي. ارومچي جي عالمي هوائي اڏي تي سنڪيانگ جي گورنر ايرڪن تونياز، سي پي سي سنڪيانگ جي اسٽينڊنگ ميمبر العزت احمت جان ۽ چين ۾ پاڪستاني سفارتي عملدارن سندس استقبال ڪيو. وزيراع??م آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن و??رو نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني، گهرو معاملن و??رو نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي، نجڪاري و??رو نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آهن.