اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جاپاروف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگها??ي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز گورنمينٽ جي 22 هين ??جل??س ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??جل??س ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي ??جل??س ۾ شريڪ ٿيندا. شنگها??ي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو بنيادي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي تع??ون جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگها??ي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي وزير ??جل??س جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.