لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته تڪب??دي?? جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ??يندو، اميد آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وي??دي??ن، مستقل پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي، ريڊيو پاڪستان جي بحالي جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان جي نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرام لاهور ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏني آهي 30 نومبر تي تڪب??دي?? جي حتمي فهرست شايع ڪئي ويندي، حب تڪب??دي?? جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ته اليڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ??يندو ڇو ته جيستائين تڪب??دي??ن مڪمل نٿيون ٿين ته ان کان اڳ تاريخ ڏيڻ جو ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ واضح لکيل آهي ته اليڪشن کان اڳ سمورين پارٽين کي اليڪشن مهم جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن ڏنا ويندا جيڪو اٽڪل ٻه مهينا بڻجي ٿو، مون کي يقين آهي ته جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿي وي??دي??ن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن عالمي معيار جو ادارو آهي جي??و پيشيواراڻي طريقي سان ??نهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کي جديد گهرجن سان ??م آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار محدود آهن، وڏا ۽ پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار چونڊيل حڪومت وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن ريڊيو پاڪستان ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ سان ڳنڍجي ويندو ته ان ??ظام سان بجليج ي پڻ بچت ٿيندي. هن چيو ته اميد آهي ته چونڊيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن وقت ريڊيو پاڪستان کي ڪجهه مالي مسئلا درپيش آهن، 90ع جي ڏهاڪي تائين ريڊيو لائيسنس جي مد ۾ فيس وصول ٿيندي هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو، هاڻي وفاق جي گرانٽ کانسواءِ ڪو آمدني جو ذريعو نه آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو لائيسنس فيس جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، اسان انهن کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ريڊيو پاڪستان کي درپيش مالي مسئلن جي حل لاءِ جلد سٺي خبر ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسي ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن هو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته ان ??قت ريڊيو پاڪستان جون اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ويب سائيٽس جا??ي ڪيون، ريڊيو پاڪستان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پڻ مون پاڻ ٺاهيو هو جنهن تي اڄ اٽڪل 10 لک فالورز موجود آهن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جا سمورا سينٽرز سيٽلائيٽ جي ذريعي ڳنڍيل آهن، ريڊيو پاڪستان جي پهرين ڊي ايس اين جي منهنجي دور ۾ شروع ٿي هئي. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي نشرياتي ادارن جي جدت جي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻيندي.